جامع مسجد پريالوءِ

جامع مسجد پريالوءِ

جامع مسجد پريالوءِ

جامع مسجد پريالوءِ: هيءَ مسجد قديم يادگار آهي، جنهن کي جديد طرز تعمير سان هم آهنگ ڪري مرمت ڪيو ويو آهي. هيءَ جامع مسجد پهريون ڀيرو 600هه/1203ع ۾ تعمير ٿي، جنهن کي بعد ۾ مسجد جي پيش امام 1358هه/1939ع ۾ نئين سري وڏو ڪري تعمير ڪرايو. مسجد تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ واقع آهي. هن وقت مسجد جي حيثيت جامع مسجد واري آهي، جتي وڏي انگ ۾ نمازي نمار پڙهن ٿا. نئين عمارتسازي توڙي مرمت ڪرڻ دوران مسجد جي تاريخي حيثيت ۽ تاريخي ڏيک جو چڱو خيال رکيو ويو آهي. مسجد جي ڀرپاسي ۾ هن وقت شهر جي ڳتيل آبادي آهي. مسجد انگريزي اکر ‘U’ جي صورت ۾ تعمير ٿيل آهي. اڱڻ ۾ ماربل جي فرشبندي ڪئي وئي آهي. مهاڙي ۾ ورانڍي جا نو ونگاوان کليل لنگهه ڏنل اٿس، جن مان وچ وارو لنگهه ڪي قدر وڏو آهي. وچ واري لنگهه جي ٻنهي پاسن کان منارا آهن، جن جي وچ ۾ ٻيڙ ٻني وٽ تاج جڙي بيهي ٿو. مسجد جي مرڪزي هجري کي به ورانڊي مان چار دروازا آهن، جيڪي چوڪاٽي سميت ڪاٺيءَ جي طاقن وارا آهن. ورانڊي ۽ پاسن کان تعمير ٿيل حصن جي ڇت مسجد جي مرڪزي هجري کان هيٺ آهي. ورانڍي وارو حصو پوءِ جي وڌايل تعمير آهي. مسجد جي مرڪزي عمارت جي مهاڙي ۾ لنگهه واري دروازي جي مٿان وچ تي تاج ٺهيل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن تي مينار آهن ۽ وچ تي ننڍن مينارن سان نمائشي گنبذ آهي. عمارت جي چئني ڪنڊن تي مينار آهن. وچ تي اٺڪنڊن ڳچن مٿان ٽي ساڳي نموني جا گنبذ آهن، جن تي ابتي ڪوڻي جي گلن مٿان نيلون نصب آهن. مسجد تي سفيد رنگ ڪيل آهي. اندران پڻ سادي پر شاندار چٽسالي ڪيل اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو